Virtual Resource Center on Disabilities (VRCD) provides information on Disabilities. RCD in virtual resource center without boundaries and barriers. VRCD is for all people with and without disabilities.
04 April, 2025
پاکستان میں بجلی کی قیمت میں کمی, وجہ، حقیقت اور امکانات
20 March, 2025
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڇھ ڪئنال پروجيڪٽ
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڇھ ڪئنال پروجيڪٽ
پاڪستان جي وفاقي حڪومت سرسبز پاڪستان تحت 6 نوان واهه ٺاهڻ جي منصوبي عمل ڪري رهي آهي. هن قدم جو بنيادي مقصد پنجاب جي چولستان ۾ ريگستان تي خاص ڌيان ڏيڻ سان 4.8 ملين ايڪڙ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ حڪومت ان منصوبي کي زراعت کي جديد بڻائڻ ۽ قومي خوراڪ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏئي ٿي، پر پير سائين پاڳاره جي نشاندهي کان پوءِ سنڌ صوبي طرفان ان کي سخت مخالفت ۽ سخت بي اعتماديءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سنڌ جا خدشا خاص طور تي پاڻيءَ جي وڌندڙ کوٽ، سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا کي امڪاني ماحولياتي نقصان، ۽ موجوده پاڻي جي حصيداري جي معاهدن خاص طور تي 1991ع وارو معاهدو موجوده پير پاڳارا ڪيو هو جيڪي انوقت سنڌ آب ڪلاڻي کاتي جا وزير هئا. اها بد اعتمادي ۽ خدشا 1991ع واري پاڻي جي ورڇ واري معاهدي جي ڀڃڪڙين جي ڪري پيدا ٿيا آهن. هي منصوبو گھڻ طرفي فزيبلٽي تي مشتمل آهي جنهن ۾ ممڪن ماحولياتي، معاشي، سماجي، ناڪاري نتيجا ۽ ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال ڪري گهڻ رخي پيچيدگيون ۽ مسئلا پيدا ٿيندا، جن جو تدارڪ ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو. اسٽيڪ هولڊرز ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، سنڌو درياھ سسٽم اٿارٽي ، سرسبز پاڪستان انيشيٽو لاڳاپيل گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو، امڪاني پرڏيهي سيڙپڪاري، ۽ متاثر ٿيل برادريون، ۽ خاص طور تي سنڌ شامل آهن. آخرڪار، پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي وسيلن جي انتظام لاءِ هڪ متوازن ۽ پائيدار روش جي ضرورت آهي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي خدشن کي شفاف ڳالهين ۽ منصفانه طريقي سان حل ڪيو وڃي. پاڪستان جي پاڻي جو منظرنامو ۽ تجويز ڪيل ڇھ ڪينال پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي ڍانچو سنڌو درياءَ جي بيسن سان جڙيل آھي، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو پاڻ ۾ ڳنڍيل آبپاشي نظام آھي . هي پيچيده نيٽ ورڪ معيشت جو بنيادي ذريعو آهي، زرعي پيداوار ۾ واڌارو ڪرڻ، روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي مجموعي معيشت کي سهارو ڏيڻ شامل آهن. وفاقي حڪومت سرسبز پاڪستان انيشي ايٽو هن بنياد تي شروع ڪيو ويوآهي ته جيئن غيرآباد زمينن کي پوکجي. هن ميگا منصوبي جي شروعات جو بنيادي حصو ڇهن نون واهن جي تعمير سان آهي. انهن ڇهن واهن جا نالا معلوم نه ٿي سگهيا آهن پر پهريون ڪئنال نشان حيدر لانس نائڪ محفوظ شهيد جي نالي تي ۽ آخري واھ چولستان ڪينال جي نالي سان سڃاتو ويندو، ستلج نديءَ جيڪا اڳ ۾ ئي هندستان کي ڏنل آهي سان گڏ پنجاب جي چولستان ريگستان کي آباد ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. بهرحال، پروجيڪٽ تي ڪافي تڪرار پيدا ٿي پيو آهي ۽ وڏي مخالفت کي منهن ڏيئي رهيو آهي. خاص طور تي سنڌ صوبو سڀني کان وڌيڪ اعتراض ڪري رهيو آهي، جيڪو سنڌوءَ جي هيٺئين حصي ۾ واقع آهي. هن رپورٽ جو مقصد "ڇهه واهن جي مسئلي" جو هڪ جامع تجزيو مهيا ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ان جي تاريخي حوالي سان، موجوده بي اعتمادي جي بنيادي سببن، مختلف طول و عرض ۾ ان جي امڪانن جو هڪ مڪمل جائزو، ۽ اهم اسٽيڪ هولڊرز جي سڃاڻپ شامل آهي.
تاريخي پس منظر: پاڪستان ۾ واٽر مئنيجمينٽ ۽ ڪئنالن جي بنيادي ڍانچي جو ارتقا سنڌو طاس ۾ پاڻي جي انتظام جي تاريخ برطانوي نوآبادياتي دور ۾ شروع ٿي، انهي کان اڳ سنڌو قدرتي وهڪرن جي ڪري سنڌ ۾ ريٽي مٽي کي وڌائيندو رهيو آهي جنهن جي ڪري سنڌو ماٿري ۾ زرخيزي ٿي. 1850ع ۾ انگريزن سنڌو درياءَ تي انجنيئرنگ جو ڪم شروع ڪيو ۽ هڪ وسيع ڪئنال سسٽم ٺاهيو جيئن سنڌ مان تڪڙو مال ميڙي سگهجي. اهو هڪ اهڙو عمل شروع ڪيو ويو جنهن تي ان وقت جي ڪيترن ڏاهن جو خيال هو ته سنڌو تي بئراج ٺاهڻ سنڌو کي قيد ڪرڻ جي برابر آهي جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ سنڌو درياھ ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ بتدريج تباهيءَ آڻيندو، جنهن جا اثر ڪافي عرصي کان ظاهر پيا ٿين. انهي جو فوري اثر اهو ٿيو ته سنڌو درياھ ذريعي ٿيندڙ آمدورفت بالڪل ختم ٿي وئي. پوري دنيا ۾ پلون جوڙيون ويون آهن پر اهي به آمدرفت ۾ رڪاوٽ ناهن. سنڌو شايد دنيا جو واحد درياھ آهي جنهن تي بحري آمدورفت ممڪن ناهي. پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، ايندڙ حڪومتن ان روش کي جاري رکيو، زرعي زمينن کي وڌائڻ جي مقصد سان وڌيڪ بئراج، ڊيم ۽ واهه ٺاهيا ويا. ڊيلٽا جي تباهي ٿيندي به، آبپاشي جي بنيادي ڍانچي کي وڌائڻ تي مسلسل زور ڏنو ويو، خاص طور تي انڊس ڊيلٽا جي هيٺين علائقي لاءِ، ڊگھي مدي واري ماحولياتي نتيجن جي مناسب خيال کان سواءِ ان تي ڪم جاري رهيو. تربيلا ڊيم بجلي جي پيداوار لاءِ جوڙيو ويو بعد ۾ ان تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوٽيا ويا. پنجاب پاران سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ هجڻ باوجود چشمان جهلم لنڪ ڪئنال جي وسيلي 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مان 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪافي عرصي کان کنيو پيو وڃي جن جي نتيجي ۾ وقت گذرڻ سان گڏ ڊيلٽا ۾ ڊرامائي طور تي گهٽتائي آئي آهي، سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ سنڌين جي اعتماد کي ڇيهو رسيو آهي. اڀياس ڏيکاري ٿو ته 1833 ۽ 2018 جي وچ ۾ ڊيلٽا جي ايراضيء ۾ 92 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جهنگلي ۽ سامونڊي جيوت کي شديد نقصان پهتو. اوهان کي خبر هوندي ته ارل سمنڊ، جيڪو ڪڏهن دنيا جي چوٿين وڏي ڍنڍ هئي، سوويت دور جي آبپاشي منصوبن جي ڪري اهو سمنڊ سڪي ويو ، ڇو جو ان ۾ ڇوڙ ڪندڙ آمو درياھ ۽ سير درياھ، ٻنهي درياھن مان پاڻي موڙيو ويو يا کنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وچ ايشيا ۾ هڪ وڏي ماحولياتي تباهي آئي آهي. جيڪڏهن سنڌ کي وچ ايشياء سان ڀيٽيو وڃي ته سنڌ ۾ انهي کان وڌيڪ تباهي آئي آهي. ماضي جي پاڻي جي انتظام جي عملن جي سنگين ماحولياتي اثرن جي ڪري سنڌ شديد خطري ۾ آهي. هن خطي جي پاڻي جي تاريخي ورڇ ۾ هڪ اهم سنگ ميل 1960 جو سنڌ طاس معاهدو آهي، جيڪو ورلڊ بئنڪ پاران هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيو. ان معاهدي ۾ سنڌو درياھ ۽ ان جي معاون درياھن جي پاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن جي حقن جي وضاحت ڪئي وئي، ستلج، راوي ۽ بياس جو پاڻي بنيادي طور هندستان کي ۽ چناب، جهلم ۽ سنڌوءَ جو پاڻي خود پاڪستان کي ڏنو ويو. جيتوڻيڪ ان معاهدي ۾ پاڻي جي ورهاڱي جي عالمي مسئلن کي حل ڪيو ويو، پر ان ۾ پاڪستان اندر صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي اندروني ورهاڱي جو معاملو شامل نه هو، جيڪو اڃا تائين هڪ تڪراري مسئلو آهي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي پاڻي جي ورهاست جو معاهدو پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ ٿيو جنهن لاءِ ارسا نالي ادارو قائم ڪيو ويو. ان معاهدي جو مقصد صوبن وچ ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ هو. سنڌ اها دليل ڏئي ٿو ته تجويز ڪيل 6 ڪينال منصوبو معاهدي جي شقن جي ڀڃڪڙي آهي، ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ جو شديد احتجاج رهيو آهي. وفاقي حڪومت جي صوبائي پاڻي جي حقن ۽ قائم ڪيل معاهدن جي باري ۾ بار بار ڀڃڪڙي گهرا شڪ ظاهر ڪري ٿو.
ڇھ ڪينال پروجيڪٽ سڄي پاڪستان ۾ اٽڪل 4.8 ملين ايڪڙ (1.9 ملين ھيڪٽر) غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ آھي. هن قدم جو هڪ اهم مرڪز پنجاب جو چولستان ريگستان آهي، جيڪو هڪ وسيع خشڪ علائقو آهي، جنهن ۾ زرعي ترقي جي صلاحيت موجود آهي يا نه اهو ته ماهر ٻڌايندا، وفاقي حڪومت جي نئين تجويز ۾ هاڻي ڇهن ڪئنالن جي تعمير جو خاڪو تبديل ڪري ٽن صوبن ۾ پکڙيل سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ٻه ٻه واھ ڪڍيا ويندا، انهن مان پنج واهه سنڌو درياءَ مان پاڻي ڪڍڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي زراعت جي لائف لائن ڇهين ڪينال يعني چولستان ڪينال، پنجاب جي چولستان ريگستان کي سيراب ڪرڻ جي خاص مقصد سان ستلج نديءَ جي ڪناري سان هلائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، هي پراجيڪٽ گرين پاڪستان انيشيٽو (جي پي آءِ) تحت شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد نه رڳو زرعي زمينن کي وسعت ڏيڻ آهي پر ان سان گڏوگڏ وڏي پيماني تي ڪارپوريٽ علائقن ۾ نئين زرعي زراعت کي به فروغ ڏيڻ آهي. سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ تي زور ان خدشن کي وڌايو آهي، ، زمين جي مالڪي ۾ ممڪن تبديلين ۽ مقامي، ننڍن هارين جي پسماندگي بابت خدشا وڌيڪ آهن. انهن ڇهن واهن جي تعمير لاءِ مختص ڪيل بجيٽ 211 ارب رپيا آهي. هي اهم مالي سيڙپڪاري منصوبو امڪاني معاشي، معاشرتي ۽ ماحلياتي اثرن جي اڳڪٿي نٿو ڪري، ان جي فزيبلٽي ۽ ان جي فائدن ۽ قيمتن جي منصفانه ورڇ هن جي اهم خوبيون ڄاڻايون ويون آهن. جيتوڻيڪ ان منصوبي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا واهه شامل آهن، پر سڀ کان وڏو تڪرار ۽ احتجاج سنڌ مان ئي پيدا ٿيو آهي، ان جو بنيادي سبب اهي ڇھ واھ آهن، جيڪي سنڌو درياهه مان سڌي ۽ ان سڌي طرح پاڻي حاصل ڪندا. ان سان سنڌ اندر اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته ان منصوبي سان پنجاب کي خاص طور تي چولستان ڪينال ذريعي فائدو ٿيندو. 6 ڪئنال منصوبي جي اعلان تي سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ۽ سخت مخالفت جي لهر آهي. هيءَ گڏيل مزاحمت، بنيادي طور تي ان خوف مان جنم ورتو آهي ته سنڌ جيڪا اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي جيڪو اونهاري جي مهينن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو پاڻي جي وڏي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌو درياهه مان وڌيڪ پاڻي ڪڍڻ کڻڻ سان سنڌ جي زرعي زمين جو وڏو حصو غيرآباد ٿي ويندو. سنڌ جي زرعي معيشت جو دارومدار گهڻو ڪري سنڌو درياهه جي آبپاشي تي آهي، ان جي 77 سيڪڙو زمينن جو دارومدار زراعت تي آهي. سنڌو درياءَ جي وهڪري ۾ ڪا به گهٽتائي تباهي آڻي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي فصلن جي تباهي، معيشت جو نقصان ۽ ٻهراڙي جي آباديءَ جي غربت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جتي 37 سيڪڙو اڳ ۾ ئي ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. اپوزيشن جو هڪ مرڪزي دليل اهو آهي ته اهو منصوبو 1991ع جي پاڻي جي ورڇ واري معاهدي جي سڌي سئين خلاف ورزي آهي، جنهن جو مقصد صوبن ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ هو. سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي وسيلن جي مبينا غير منصفانه ورڇ بابت تاريخي شڪايتون ان بي اعتمادي کي وڌيڪ تيز ڪن ٿيون. انڊس روور سسٽم اٿارٽي جي انگن اکرن موجب، 1999ع کان 2023ع جي وچ ۾، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تمام گهڻي هئي (40 سيڪڙو) پنجاب (15 سيڪڙو) جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي پر سرزمين تي پاڻي جي اڻڄاڻايل کوٽ ستر سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، جنهن عدم مساوات جي تصور کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. سنڌ حڪومت مسلسل سنڌو درياھ تي پنهنجي تاريخي حق کي ورجائيندي چيو آهي ته صوبي جي رضامندي کان سواءِ ان جو پاڻي هڪ طرفي طور موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام ڪيو ويندو. جڏهن ته مخالف ڌر جو موقف آهي ته پي پي پي وفاق ۾ ۽ ڪئنالن واري معامري ۾ حڪومت سان گڏ آهي ۽ هاڻ سنڌ ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ بڇائڻ لاءِ ٽوپي ڊرامو ڪري رهي آهي. سنڌ ڊيلٽا ۾ مينگروو جا ٻيلا، مڇيء جي نسل جنهن ۾ پلو ۽ ٻلهڻ جي لاء هڪ اهم رهائش، ۽ سامونڊي طوفان ۽ سمنڊ جي چاڙھ خلاف هڪ قدرتي رڪاوٽ، اڳ ۾ ئي تازو پاڻي جي وهڪري جي گھٽتائي سبب اهم نقصان برداشت ڪري چڪا آهن. وهڪري ۾ وڌيڪ گهٽتائي هن اهم ماحولياتي نظام لاءِ تباھ ڪندڙ نتيجا ڏئي رهي آهي، ان منصوبي جو هڪ اهم مقصد، چولستان ريگستان کي آباد ڪرڻ تي به سوال اٿاريا ويا آهن. چولستان جي سڙيل مٽي، واهه جي تعمير ۽ پاڻي کي برقرار رکڻ لاءِ اهم چئلينج آهي. ماهرن چولستان ڪينال کي ”غير سائنسي“ قرار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي مٽيءَ، واريءِ واري مٽيءَ جي ڪري ان ۾ پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻاڦ جي ڪري وڏي پئماني تي پاڻي ضايع ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ان جي ڪارڪردگيءَ کي نقصان پهچي سگهي ٿو. ان کان علاوه، ڪئنال جي تعمير جي ڪري مٿئين پهچ ۾ ممڪنه سليٽيشن جا خدشا آهن. . سنڌ جي زرعي معيشت جي امڪاني تباهي، بدلجندڙ معاشي سگھ ، سماجي ۽ معاشي اثر سبب صوبي لاءِ وڏي ڳڻتي وارا آهن. 211 ارب روپين جي مالياتي سيڙپڪاريءَ لاءِ نه رڳو پنجاب ۾ متوقع فائدن پر سنڌ جي امڪاني معاشي نقصانن کي نظر ۾ رکندي، انصاف تي مشتمل اندازو لڳائڻ ضروري آهي. عوامي طور تي دستياب ۽ جامع اقتصادي فزيبلٽي اسٽڊيز جي غير موجودگي انهن عنصرن کي مدنظر رکندي منصوبي جي مجموعي اقتصادي صلاحيت جو معروضي طور تي جائزو وٺڻ کي مشڪل بڻائي ٿو. پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ هاري برادرين جو ممڪنه بي گھر ٿيڻ هڪ ٻيو سنگين سماجي ۽ اقتصادي اثر آهي. خاص طور تي سنڌ جي لحاظ کان، ڇهن ڪئنالن جي منصوبي لاءِ پاڻي جي دستيابي جو هڪ اهم ٽيڪنيڪل ۽ هائيڊرولاجيڪل خدشو آهي، خاص طور تي پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري پاڻي جي کوٽ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ ماهرن ارسا پاران جاري ڪيل پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ جي اعتبار تي سوال اٿاريا آهن، ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته اهو ٿي سگهي ٿو غلط مفروضن تي مبني هجي ته ٻوڏن جي ڪري درياھ جو پاڻي ضايع ٿئي ٿو اهو پاڻ اندر هڪ مفروضو آهي، ان حوالي سان سنڌ ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. چولستان جي مٽيءَ ۾ واهن جي تعمير جا ٽيڪنيڪل چئلينج پڻ پروجيڪٽ جي ڪارڪردگيءَ ۽ پائيداريءَ بابت خدشا پيدا ڪن ٿا. ان کان علاوه، پاڪستان جي موجوده واٽر نيٽ ورڪ ۾ موجود ناڪاري ۽ اهم پاڻي جي ضايع ٿيڻ جو اشارو آهي ته موجوده نظام جي بهتري کي اوليت ڏني وڃي بجاءِ ان جي نئين واهن جي تعمير ڪئي وڃي. موجوده آبپاشي جي بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ جديد ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ممڪن طور تي پاڻي جي تحفظ ۽ موثر ورڇ جي لحاظ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. سنڌ اسيمبليءَ جو ۽ عوام جو احتجاج ۽ متفقه اپوزيشن ان خدشن جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن ان خدشن کي دور ڪرڻ کانسواءِ پروجيڪٽ کي اڳتي وڌايو ويو ته سماجي ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. پاڻي جي وسيلن تي بين الصوبائي تڪرار قومي اتحاد کي نقصان پهچائي سگهي ٿو . سنڌ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري نه ڪرڻ جا الزام، صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري چڪا آهن. هن پروجيڪٽ کي تڪراري ڪالا باغ ڊيم منصوبي سان ڀيٽيو ويو آهي ، جنهن کي ساڳئي مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو ۽ آخر ۾ ان کي روڪيو ويو، هي منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. صوبائي اتفاق راءِ کان سواءِ وڏي پئماني تي هائيڊرو پروجيڪٽ تي عمل ڪرڻ هاڻ خطرناڪ آهي. گرين پاڪستان انيشيٽو ۾ شامل اسٽيڪ هولڊرز ۽ ڪمپنيون، ڇھ ڪينال منصوبي ۽ وسيع گرين پاڪستان انيشيٽو ۾ ڪيترائي اھم اسٽيڪ ھولڊر شامل آھن. انهن ۾ وفاقي حڪومت جا ادارا شامل آهن جهڙوڪ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت، ۽ انڊس روور سسٽم اٿارٽي جيڪا پروجيڪٽ جي نگراني ڪري رهي آهي۽ جيڪا پاڻي جي ورڇ جي ذميوار آهي. ان کان علاوه اسٽبلشمينٽ کي به هڪ اهم فريق طور ڏٺو پيو وڃي. صوبائي حڪومتون، خاص ڪري سنڌ، جيڪا منصوبي جي سخت مخالفت ڪري رهي آهي، ۽ پنجاب، جتي چولستان ڪينال هڪ اهم حصو آهي، پڻ اهم اسٽيڪ هولڊر آهن. گرين پاڪستان انيشيٽو ، ڪينال منصوبي لاءِ هڪ ڪمپني قائم ڪئي وئي آھي جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ کي وڌائيندي. سعودي عرب، يو اي اي، قطر ۽ بحرين کان امڪاني پرڏيهي سيڙپڪارن جي شموليت جا به اطلاع آهن، جي پي آءِ جي تحت سنڌ ۾ وڏي پئماني تي زمينن جي فوج سان لاڳاپيل ادارن کي منتقلي جي الزامن مقامي هارين ۾ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ واهه جي تعمير ۾ ملوث مخصوص تعميراتي ڪمپنين جو مهيا ڪيل معلومات ۾ واضح طور تي ذڪر نه ڪيو ويو آهي، اهو سمجهڻ مناسب آهي ته هن پيماني جي منصوبي ۾ وڏيون انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپنيون شامل هونديون. انهي سان گڏ، ڪمپنيون جيڪي زرعي انپٽس (ٻج، ڀاڻ، جراثيم ڪش) ۽ مشينري فراهم ڪنديون
هن منصوبي جي فزيبلٽي جو هڪ جامع ۽ آزاد ٻيهر جائزو وٺڻ جي سفارش ڪجي ٿي، جنهن ۾ هڪ تفصيلي ماحولياتي، معاشرتي، معاشي ۽ سماجي اثرن جو جائزو شامل هجي، جنهن ۾ سنڌ جي مقامي برادرين ۽ ماحولياتي تنظيمن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مڪمل ۽ بامقصد شموليت شامل آهي. پنجاب لاءِ متوقع فائدن کان علاوه، هن جائزي ۾ سنڌ جي ماحولياتي صحت ۽ سنڌو درياءَ جي بيسڻ لاءِ ممڪن ناڪاري نتيجن جو پڻ سختيءَ سان جائزو وٺڻ گهرجي، 1991 جي پاڻي جي ورهاست واري معاهدي جي اصولن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن سڀني صوبن ۾ پاڻي جي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. متبادل ۽ وڌيڪ پائيدار پاڻي جي انتظام جي حل ڳولڻ کي پڻ ترجيح ڏني وڃي. ھن ۾ موجوده آبپاشي نيٽ ورڪن جي ڪارڪردگي کي بھتر ڪرڻ، پاڻيءَ جي بچت واري زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ، ۽ ذخيرن جي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ ۾ سيڙپ ڪرڻ شامل آھي جيڪو سڀني صوبن کي فائدو ڏئي سگھي ٿو بغير ڪنھن ھڪڙي علائقي کي غير متناسب اثر انداز ڪرڻ انڊس درياھ ڊيلٽا جي ڊگھي مدي واري ماحولياتي وهڪري جي ضرورتن تي تفصيلي مطالعو پڻ ضروري آهي ته جيئن وڌيڪ تباهي کي روڪي سگهجي ۽ ان جي ماحولياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. پروجيڪٽ جي سڀني پهلوئن ۾ شفافيت، بشمول فزيبلٽي اسٽڊيز، ماحولياتي اثرن جي جائزي ۽ ڪنهن به ڪمپنيءَ سان معاهدن جو عوام تي ظاهر ڪرڻ، اعتماد سازي ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي . آخرڪار، اتفاق راءِ سان هڪ جامع قومي واٽر پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪا سڀني صوبن جي پاڻيءَ جي ضرورتن ۽ خدشن کي مساوي ۽ پائيدار طريقي سان حل ڪري. جيڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻي آهي ته موجوده زمينداري سسٽم اندر ڪارپوريٽ فارمنگ کي ترقي وٺرائي وڃي.
جيڪڏهن پنجاب اڃا نٿو مُڙي تو سنڌين کي گهرجي ته عالمي عدالت ڏانهن رجوع ڪن ۽ انهي مسئلي کي پاڻي جي عالمي سمجهوتي مطابق حل ڪرڻ تي زور ڏين. اهو تڪرار پهريون ناهي پوري دنيا ۾ پاڻي تي تڪرار پيدا ٿيا آهن ۽ انهن کي حل ڪيو ويو اهي جنهن مان سنڌ طاس به هڪ آهي
وضاحت؛
هي مضمون ڊيسڪ رسرچ تي مبني آهي جنهن سان هر ڪنهن جو متفق هجڻ ضروري نه آهي
02 March, 2025
World Hearing Day 2025
World Hearing Day 2025
World Hearing Day is observed on March 3rd every year. It's a global initiative led by the World Health Organization (WHO) to raise awareness about hearing loss and promote ear and hearing care for all. The theme for 2025 is "Changing Mindsets: Empower Yourself to Make Ear and Hearing Care a Reality for All." This year's focus is on breaking the stigma around hearing loss and encouraging proactive steps toward better hearing health.
Hearing loss is a significant public health issue affecting millions worldwide. According to WHO, over 1.5 billion people live with some degree of hearing impairment, and this number is expected to rise. The campaign emphasizes the importance of early detection, regular hearing check-ups, and the use of hearing aids and assistive devices without stigma.
Some key steps to safeguard hearing include:
- Lowering the volume and following the 60/60 rule (listen at 60% volume for no more than 60 minutes).
- Wearing ear protection in loud environments.
- Avoid inserting objects into the ear.
- Treating ear infections promptly.
- Getting regular hearing screenings.
- Empowering individuals on hearing care
- Campaign to raise awareness on hearing care
- Networking on hear care
Changing mindsets about hearing loss involves shifting societal attitudes and beliefs. By normalizing hearing aids and assistive devices, educating the public, and promoting advocacy, we can make people feel more comfortable seeking help. Open discussions about hearing loss within families, communities, and workplaces create supportive environments, while campaigns like World Hearing Day highlight the importance of hearing health.
Prioritizing hearing health means encouraging regular screenings, early detection, and intervention using hearing aids, cochlear implants, or other assistive devices. Inclusive communication practices and supporting research can also foster a more inclusive society where everyone can participate fully, regardless of their hearing ability. This not only improves the lives of individuals with hearing loss but also fosters a culture of empathy, understanding, and support.
HANDS Foundation is already a member of the World Hearing Day campaign. If you're interested in more details or want to participate in World Hearing Day events, you can find more information by clicking on the link to the Word Hearing Website.
02 February, 2025
موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ جو زرعي مستقبل
موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ جو زرعي مستقبل
سنڌ، پاڪستان جو زرعي لحاظ کان اهم صوبو آهي. جنهن جي زرخيز زمين تي وڏي پيماني تي زرعي پيداوار ٿيندي آهي. هاڻي موسمياتي تبديلي جي ڪري سنڌ جو هاري بدحال آهي. وڌندڙ گرمي، غير متوقع مينهن ، پاڻي جي گهٽتائي، ۽ مٽي جي خرابيءَ جي ڪري روايتي فصلن جي پيداوار ۾ ڏينهن و ڏينهن گهٽتائي ٿي رهي آهي، جيڪا لکين زراعت سان وابسطه ماڻهن جي معيشت کي متاثر ڪري رهي آهي. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ، سنڌ ۾ متبادل ۽ موسمياتي تبديلي جي فصلن جي پوک کي واڌارو ڏيڻ ضروري آهي. هي مضمون سنڌ جي زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن، روايتي فصلن جي گهٽ اپت لهڻ، ۽ متبادل فصلن جي تي بحث ڪري ٿو، ان سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪري ٿو
سنڌ اندر ڏينهن و ڏينهن گرمي جو پد وڌندو ٿو وڃي جنهن جي ڪري روايتي فصل متاثر ٿي رهيا آهن. گذريل سال خريف ۽ ربيع جي فصلن جي اپت ۾ ڪافي گهٽتائي نظر آئي آهي. مثال طور، گرمي جو اثر ڪري ڪپھ جي ڦٽڻ ، سارين ۽ ڪڻڪ جي فصلن ۾ داڻو گهٽ هجڻ جون خبرون هلن پيون. موسمي تبلي جي ڪري مينهن جي روايتي چڪر تي به اثر پيو آهي. ڏڪار ۽ ٻوڏ جي ڪري فصلن کي نقصان ٿي رهيو آهي. ڪڏهن گهٽ مينهن نه هجڻ جي ڪري ڏڪار پيدا ٿئي ٿو ته ڪڏهن گهڻي مينهن جي ڪري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي، جيڪي ٻئي فصلن ۽ زرعي زمين لاءِ نقصانده آهن..
.موسمياتي تبديلي جي ڪري پهاڙن ۾ گليشيئرن جي ڳرڻجي ڪري ندين ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ يا گهٽتائي ٿيندي رهي آهي جنهن جو سڌو سنئون اثر زراعت تي ٿي رهيو آهي.. سنڌو درياھ، جيڪو سنڌ لاءِ زندگي آهي، ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي، جنهن جي ڪري زراعت کي شديد نقصان ٿي رهيو آهي
. مٿين سببن جي ڪري سنڌ جي زمين سم ۽ ڪلر۾ تبديل ٿي رهي آهي جنهن سان زرعي زمين جي زرخيزي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. غير مناسب ۽ آلودي پاڻي جي ڪري مٽي ۾ سم ۽ لوڻ جو مقدار وڌي رهيو آهي، جيڪو فصلن جي پيداوار کي گهٽائي رهيوآهي موسمياتي تبديلي جي ڪري پڻ بيمارين ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، جيڪي فصلن کي نقصان پهچائي رهيو آهن گرمي پد ۾ واڌاري جي ڪري ڪيترائي نئيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، جيڪي فصلن جي صحت کي متاثر ڪري رهيون آهن
سنڌ جي زراعت ۾ روايتي طور تي ڪجھ وڏن فصلن تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو، جن ۾ ڪپھ، چانور، ڪڻڪ، ۽ ڪمند شامل آهن. پرموسمياتي تبديلي جي ڪري اهي فصلون خطري ۾ آهن. ڪپھ جو فصل گرمي جي دٻاءُ ۽ پاڻي جي کوٽ جي ڪري شديد متاثر ٿي رهيو آهي. گرمي جي ڪري ڪپھ جي ڦٽڻ ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ۽ پاڻي جي گهٽتائي جي ڪري فصل کي مناسب پاڻي نه ملي رهيو آهي. چانور جي فصل کي پاڻي جي وڏي مقدار ۾ گهربل هو:ندي آهي، پر پاڻي جي کوٽ ۽ غير متوقع مينهن جي ڪري چانور جي پيداوار ۾ به گهٽتائي ٿي رهي آهي. ان سان گڌ وگڌ ڪڻڪ نسبتا وڌيڪ خشڪي برداشت ڪندڙ فصل آهي، پر گرمي جي دٻاءُ ۽ غير متوقع مينهن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار به متاثر ٿي رهي آهي ڪمند جي فصل کي به پاڻي وڏي مقدار ۾ گهربل هوندو آهي، ۽ پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪمند جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. انهن روايتي فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري زراعت ڪندڙن جي آمدني ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ۽ خوراڪ جي سلامتي جي خدشا به وڌي رهيا آهن.
موسمياتي تبديلي جي اثرات کي گهٽائڻ لاءِ، سنڌ ۾ متبادل فصلن جي پوکڻ ضروري آهي. ڪجھ اهم متبادل فصلن ۾ هيٺيان شامل ٿي سگهن ٿا. جنهن ۾ ٻاڄري، جو، جوار۽ ڪجھ گاهن جا قسم جيڪي خشڪي کي برداشت ڪنري سگهن. اهرڙن گاهن جيئن روڊز گاھ، ڪلر مار گاھ، اللفا ، برسيم سميت مختلف گاھن جا فصلن جي پوک کي واڌارو ڏيڻ گهرجي. اهي گهٽ پاڻي ۾ پوکي سگهجن ٿا ۽ گرمي برداشت ڪري سگهن ٿا. انهن فصلن جي غذائي قيمت به وڌيڪ آهي، ۽ اهي خوراڪ، جانورن لاءِ کاڌو، ۽ بايو فيول جي پيداوار لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا . مسور، چڻا، ۽ مۡڱن جهڙيون داليون مٽي ۾ نائٽروجن وڌائي مٽي جي زرخيزي کي بهتر بڻائي سگهن ٿيون. اهي فصلن پروٽين جي لحاظ کان ٻڌل آهن ۽ خوراڪ جي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
وڻ سنڌ ۾ ماحولياتي ۽ معاشي طور فائدو ڏيئي سگهن ٿا. وڻ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي جذب ڪندي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، مٽي جي ڪٽائي کي روڪين ٿا، هوا جي معيار کي بهتر بڻائين ٿا ۽ جر جي پاڻي جي سطح وڌائين ٿا. ان کان علاوه، وڻ، ڪاٺ جي پيداوار، ميوي جي پوک ذريعي آمدني پيدا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا، ميون ۾ انب، زيتون، ٻير ۽ کجيون، تمام گهڻو منافع بخش آهن. ڪيترائي وڻ، جهڙوڪ ٻٻر ۽ سهانجڙو ٻڪرين ۽ رڍن لاءِ کاڌي جو قدرتي ذريعو پڻ ڪم ڪن ٿا، جيڪي هارين لاءِ کاڌ خوراڪ جي قيمت گھٽائي ٿو ۽ جانورن جي صحت کي بهتر بڻائي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته هارين کي ڪاربن ڪريڊٽ جهڙن پروگرامن حصو ڪن جيئن سنڌ سرڪار هوا جي پکن ذريعي پئسا ڪمائي ٿي. وڻن جي پوک کي ترقي ڏيڻ سان، سنڌ نه رڳو پنهنجي ماحول کي بهتر بڻائي سگهي ٿي پر پنهنجي ماڻهن لاءِ پائيدار معيشت پڻ پيدا ڪري سگهي ٿي
پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊرپ سيرابي ۽ اسپرينڪلر سسٽم جهڙن موثر پاڻي ڏيڻ جي ٽيڪنالاجين ترقي وٺرائي وڃي، مناسب پاڻي جي وسيلن جي انتظامڪاري ڪندي برابري سطح تي پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، موسمياتي سمارٽ زرعي طريقن ايگروفاريسٽري، ڪارپوريٽ فارمنگ، ۽ محفوظ زرعي طريقن کي ترقي ڏيڻ گهرجي، تحقيق ۽ ترقي موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي مزاحمتي فصلن جي قسمن ۾ تحقيق ڪرڻ
سنڌ جي زراعت کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ متبادل فصلن جي پوک کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. اناج، دالون، تيلي فصل، ۽ گاھ جا فصل سنڌ جي زراعت لاءِ وڏي صلاحيت رکن ٿا. ان سان گڏوگڏ، پاڻي جي بچاءُ، مارڪيٽ تائين رسائي، ۽ حڪومتي مدد جي ذريعي سنڌ جي زراعت کي خوشحالي ڏانهن وڌائي سگهي ٿو.
01 February, 2025
مصیبتوں پر فتح پاکر، کامیابی حاصل کرنے کا راز
مصیبتوں پر فتح پاکر، کامیابی حاصل کرنے کا راز
"ہر کامیاب شخص کی ایک دردناک کہانی ہوتی ہے۔ ہر دردناک کہانی کا ایک کامیاب اختتام ہوتا ہے۔ درد کو قبول کریں اور کامیابی کے لیے تیار ہو جائیں۔" یہ کہاوت خاص طور پر معذور افراد کی زندگی پر غور کرتے ہوئے گہری سوچ پیدا کرتی ہے۔ ان افراد کو اپنے راستے میں کامیابی حاصل کرنے کے لیے اکثر نمایاں رکاوٹوں کا سامنا کرنا پڑتا ہے، اور انہیں منفرد چیلنجز کا سامنا کرنا پڑتا ہے۔ تاہم، بار بار، وہ حیرت انگیز لچک کا مظاہرہ کرتے ہیں، مصیبت کو فتح میں تبدیل کرتے ہیں۔ یہ مضمون معذور افراد کی زندگیوں پر مصیبت کے گہرے اثرات کا جائزہ لے گا، ان کے بے مثال مضبوط عزم اور معاشرے کو ان کے قیمتی اسباق کو اجاگر کرنے کا موقع فرہم کرے گا۔
:مصیبت کا بوجھ
معذور افراد کے لیے زندگی اکثر مسلسل چڑھائی کی جنگ ہوتی ہے۔ جسمانی، حسی یا ذہنی خرابی روزمرہ زندگی میں نمایاں رکاوٹیں پیش کر سکتی ہے۔ ناقابل رسائی ماحول میں چلنے پھرنے سے لے کر سماجی تعصبات اور امتیاز کا سامنا کرنے تک، یہ افراد اکثر شدید مشکلات کا سامنا کرتے ہیں۔ انہیں تعلیم، روزگار اور صحت کی دیکھ بھال تک محدود رسائی کا سامنا کرنا پڑتا ہے، جس سے ان کے چیلنجز مزید بڑھ جاتے ہیں۔
ان تجربات کا جذباتی طؤر پر گہرا نقصان ہو سکتا ہے۔ تنہائی، مایوسی اور مایوسی کے احساسات غیر معمولی نہیں ہیں۔ اپنی حدود کو عبور کرنے اور اپنی صلاحیت ثابت کرنے کی مسلسل جدوجہد ذہنی اور نفسیاتی طور پر نمایاں اثر ڈال سکتی ہے۔ تاہم، ان سنگین رکاوٹوں کے باوجود، بہت سے معذور افراد نہ صرف زندہ رہتے ہیں بلکہ ترقی بھی کرتے ہیں۔
:لچک کے بیج
مصیبت، اگرچہ بلاشبہ تکلیف دہ ہے، لیکن یہ ترقی اور تبدیلی کے لیے ایک طاقتور محرک بھی ہو سکتی ہے۔ چیلنجز کو عبور کرنے کا عمل ہی لچک، موافقت اور خود اعتمادی کا گہرا احساس پیدا کرتا ہے۔ معذور افراد اکثر منفرد مقابلہ کرنے کے طریقے، مسئلہ حل کرنے کی مہارتیں اور مضبوط عزم کا احساس پیدا کرتے ہیں۔ وہ اپنی طاقتوں کو قبول کرنا، اپنی کمزوریوں کی شناخت کرنا اور دنیا میں چلنے پھرنے کے لیے جدید طریقے تلاش کرنا سیکھتے ہیں۔
یہ لچک معذور افراد کی ان گنت کہانیوں میں واضح ہے جنہوں نے غیر معمولی کارنامے انجام دیے ہیں۔ معروف فنکاروں اور موسیقاروں سے لے کر کامیاب کاروباری افراد اور زمین کی تہذیب کے سائنسدانوں تک، ان افراد نے سماجی توقعات کو توڑا ہے اور لاکھوں لوگوں کو متاثر کیا ہے۔ ان کی کامیابی انسانی دماغ کی حیرت انگیز صلاحیت کا ثبوت ہے کہ وہ سب سے مشکل رکاوٹوں پر بھی قابو پا سکتا ہے۔
:دفاعات کو توڑنا اور شمولیت کو فروغ دینا
معذور افراد کی کامیابی کی کہانیاں صرف ذاتی کامیابیاں نہیں ہیں؛ ان کا پورے معاشرے پر گہرا اثر پڑتا ہے۔ وہ سماجی تصورات کو چیلنج کرتے ہیں، روایتی تصورات کو توڑتے ہیں اور زیادہ سے زیادہ سمجھ اور قبولیت کو متاثر کرتے ہیں۔ اپنی صلاحیتوں اور کامیابیوں کا مظاہرہ کرکے، وہ ثابت کرتے ہیں کہ معذوری ایک حد نہیں بلکہ ایک منفرد طرز زندگی، نقطہ نظر اور طاقت کا ذریعہ ہے۔
معذور افراد کو اپنی پوری صلاحیت تک پہنچنے کے لیے بااختیار بنانے کے لیے ایک جامع معاشرہ بنانا ضروری ہے۔ اس کے لیے ایک الگ نقطہ نظر کی ضرورت ہے جو جسمانی اور رویہ دونوں رکاوٹوں کو حل کرے۔ قابل رسائی بنیادی ڈھانچہ، جامع تعلیمی نظام اور مساوات پسندانہ روزگار کے مواقع ایسے ماحول کو فروغ دینے کے لیے ضروری ہیں جہاں معذور افراد دوسروں کی طرح ترقی کر سکیں۔
مزید برآں، سماجی رویوں کو چیلنج کرنا اور آگاہی کو فروغ دینا بھی اتنا ہی اہم ہے۔ معذور افراد کے منفرد کرداروں کو سراہ کرکے اور ان کی آوازوں کو بلند کرکے، ہم زیادہ جامع اور ہمدردانہ معاشرہ بنا سکتے ہیں۔
:لچک اور انسانی زندگی میں اسباق
معذور افراد کی زندگیاں ہر ایک کے لیے قیمتی اسباق پیش کرتی ہیں۔ ان کے بے مثال دماغ، مضبوط عزم اور مصیبتوں پر قابو پانے کی صلاحیت ہم سب کے لیے حوصلہ افزا ہے۔ وہ ہمیں یاد دلاتے ہیں کہ اگر معذور افراد اتنی مشکلوں کے پاوجود ترقی کر سکتے ہیں تو پھر مجموعی طؤر پر ہم ایک قوم کے ترقی کیوں نہیں کرسکتے
27 January, 2025
پاکستان میں بڑھتی ہوئی مہنگائی کے پینشنز پر اثرات
پاکستان میں بڑھتی ہوئی مہنگائی کے پینشنز پر اثرات
پاکستان میں مہنگائی کا بحران گزشتہ کچھ سالوں سے مسلسل بڑھ رہا ہے، جس کا اثر معاشرے کے ہر طبقے پر پڑ رہا ہے۔ تاہم، سب سے زیادہ متاثر ہونے والے گروہوں میں پینشنرز (ریٹائرڈ افراد) شامل ہیں، جو اپنی محدود آمدنی کے باعث مہنگائی کے بوجھ تلے دبے ہوئے ہیں۔ پینشنرز کی اکثریت کا انحصار حکومتی پینشنز یا نجی اداروں کی جانب سے دی جانے والی ریٹائرمنٹ رقم پر ہوتا ہے، جو اکثر اوقات ان کی بنیادی ضروریات کو پورا کرنے کے لیے ناکافی ہوتی ہیں۔ مہنگائی میں اضافے نے ان کی مشکلات میں مزید اضافہ کر دیا ہے۔
مہنگائی کی موجودہ صورتحال
پاکستان میں مہنگائی کی شرح (انفلیشن ریٹ) گزشتہ کچھ سالوں میں ریکارڈ سطح تک پہنچ چکی ہے۔ اشیائے خوردونوش، ایندھن، بجلی، گیس، اور دواوں کی قیمتوں میں مسلسل اضافہ ہو رہا ہے۔ اس کے علاوہ، کرنسی کی قدر میں کمی نے درآمدی اشیا کو مزید مہنگا کر دیا ہے۔ یہ تمام عوامل مل کر عام آدمی کی قوت خرید کو کم کر رہے ہیں، اور پینشنرز جیسے کم آمدنی والے گروہ اس کا سب سے زیادہ شکار ہیں۔
پینشنز کی خریداری کی صلاحیت پر اثرات
پینشنرز کی آمدنی عموماً طے شدہ ہوتی ہے، جبکہ مہنگائی کے باعث قیمتیں مسلسل بڑھ رہی ہیں۔ اس کا مطلب یہ ہے کہ پینشنز کی حقیقی قدر (real value) کم ہوتی جا رہی ہے۔ مثال کے طور پر، اگر کسی پینشنر کو ماہانہ 20,000 روپے پینشن ملتی ہے، تو مہنگائی کے باعث یہ رقم اب پہلے جیسی خریداری کی صلاحیت نہیں رکھتی۔ اشیائے ضروریہ کی قیمتوں میں اضافے کے باعث پینشنرز کو اپنی بنیادی ضروریات کو پورا کرنے کے لیے بھی جدوجہد کرنا پڑ رہا ہے۔
صحت اور علاج معالجے کے اخراجات
پینشنرز میں سے اکثر عمر رسیدہ ہوتے ہیں، جنہیں صحت کے مسائل کا سامنا ہوتا ہے۔ مہنگائی کے باعث دواؤں اور علاج معالجے کے اخراجات میں اضافہ ہوا ہے، جس کی وجہ سے پینشنرز کے لیے اپنی صحت کا خیال رکھنا مشکل ہو گیا ہے۔ بہت سے پینشنرز علاج کے اخراجات کو برداشت نہیں کر پاتے، جس کی وجہ سے ان کی صحت مزید خراب ہو جاتی ہے۔
حکومتی پالیسیوں کا جائزہ
حکومت کی جانب سے پینشنز میں وقتاً فوقتاً اضافہ کیا جاتا ہے، لیکن یہ اضافہ مہنگائی کی شرح کے برابر نہیں ہوتا۔ اس کا نتیجہ یہ نکلتا ہے کہ پینشنرز کی قوت خرید مسلسل کم ہوتی جا رہی ہے۔ حکومت کو چاہیے کہ وہ پینشنز کو مہنگائی کے ساتھ منسلک کرے، تاکہ پینشنرز کی آمدنی ان کی ضروریات کو پورا کر سکے۔
نجی شعبے کی پینشنز
نجی شعبے میں کام کرنے والے افراد کو ریٹائرمنٹ کے بعد جو پینشنز ملتی ہیں، وہ بھی مہنگائی کے مقابلے میں ناکافی ہیں۔ نجی اداروں میں پینشنز کے نظام کو بہتر بنانے کی ضرورت ہے، تاکہ ریٹائرڈ ملازمین کو معقول معاش مل سکے۔
حل کے لیے تجاویز
1. پینشنز میں اضافہ: حکومت کو پینشنز میں مہنگائی کے تناسب سے اضافہ کرنا چاہیے۔
2 سبسڈی کا نظام: پینشنرز کو اشیائے ضروریہ پر سبسڈی فراہم کی جائے۔
3. صحت کی سہولیت: پینشنرز کے لیے مفت یا سستی طبی سہولیات فراہم کی جائیں۔
4. نجی شعبے کی ذمہ داری: نجی اداروں کو پینشنز کے نظام کو بہتر بنانے پر توجہ دینی چاہیے۔
پاکستان میں بڑھتی ہوئی مہنگائی نے پینشنرز کی زندگیوں کو مشکل بنا دیا ہے۔ ان کی محدود آمدنی اور بڑھتے ہوئے اخراجات کے درمیان توازن قائم کرنا ایک بڑا چیلنج ہے۔ حکومت اور معاشرے کو مل کر اس مسئلے کا حل نکالنا ہوگا، تاکہ پینشنرز کو عزت اور سکون کے ساتھ زندگی گزارنے کا موقع مل سکے۔