20 March, 2025

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڇھ ڪئنال پروجيڪٽ




سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڇھ ڪئنال پروجيڪٽ

پاڪستان جي وفاقي حڪومت سرسبز پاڪستان تحت 6 نوان واهه ٺاهڻ جي منصوبي عمل ڪري رهي آهي. هن قدم جو بنيادي مقصد پنجاب جي چولستان ۾ ريگستان تي خاص ڌيان ڏيڻ سان 4.8 ملين ايڪڙ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ حڪومت ان منصوبي کي زراعت کي جديد بڻائڻ ۽ قومي خوراڪ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏئي ٿي، پر پير سائين پاڳاره جي نشاندهي کان پوءِ  سنڌ صوبي طرفان ان کي سخت مخالفت ۽ سخت بي اعتماديءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سنڌ جا خدشا خاص طور تي پاڻيءَ جي وڌندڙ کوٽ، سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا کي امڪاني ماحولياتي نقصان، ۽ موجوده پاڻي جي حصيداري جي معاهدن خاص طور تي 1991ع وارو معاهدو موجوده پير پاڳارا ڪيو هو جيڪي انوقت سنڌ آب ڪلاڻي کاتي جا وزير هئا. اها بد اعتمادي ۽ خدشا 1991ع واري پاڻي جي ورڇ واري معاهدي جي ڀڃڪڙين جي ڪري پيدا ٿيا آهن. هي منصوبو گھڻ طرفي فزيبلٽي تي مشتمل آهي جنهن ۾ ممڪن ماحولياتي، معاشي، سماجي، ناڪاري نتيجا  ۽ ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال ڪري گهڻ رخي پيچيدگيون ۽ مسئلا پيدا ٿيندا، جن جو تدارڪ ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو. اسٽيڪ هولڊرز ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، سنڌو درياھ  سسٽم اٿارٽي ، سرسبز پاڪستان انيشيٽو  لاڳاپيل گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو، امڪاني پرڏيهي سيڙپڪاري، ۽ متاثر ٿيل برادريون، ۽ خاص طور تي سنڌ شامل آهن. آخرڪار، پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي وسيلن جي انتظام لاءِ هڪ متوازن ۽ پائيدار روش جي ضرورت آهي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي خدشن کي شفاف ڳالهين ۽ منصفانه طريقي سان حل ڪيو وڃي.  پاڪستان جي پاڻي جو منظرنامو ۽ تجويز ڪيل ڇھ ڪينال پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي ڍانچو سنڌو درياءَ جي بيسن سان جڙيل آھي، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو پاڻ ۾ ڳنڍيل آبپاشي نظام آھي .  هي پيچيده نيٽ ورڪ معيشت جو بنيادي ذريعو آهي، زرعي پيداوار ۾ واڌارو ڪرڻ، روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي مجموعي معيشت کي سهارو ڏيڻ شامل آهن.  وفاقي حڪومت سرسبز پاڪستان انيشي ايٽو هن بنياد تي شروع ڪيو ويوآهي ته جيئن غيرآباد زمينن کي پوکجي. هن ميگا منصوبي جي شروعات جو بنيادي حصو ڇهن نون واهن جي  تعمير سان آهي. انهن ڇهن واهن جا نالا معلوم نه ٿي سگهيا آهن پر پهريون ڪئنال نشان حيدر لانس نائڪ محفوظ شهيد جي نالي تي ۽  آخري واھ چولستان ڪينال جي نالي سان سڃاتو ويندو، ستلج نديءَ جيڪا اڳ ۾ ئي هندستان کي ڏنل آهي سان گڏ پنجاب جي چولستان ريگستان کي آباد ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. بهرحال، پروجيڪٽ تي ڪافي تڪرار پيدا ٿي پيو آهي ۽   وڏي مخالفت کي منهن ڏيئي رهيو آهي. خاص طور تي سنڌ صوبو سڀني کان وڌيڪ اعتراض ڪري رهيو آهي، جيڪو سنڌوءَ جي هيٺئين حصي ۾ واقع آهي. هن رپورٽ جو مقصد "ڇهه واهن جي مسئلي" جو هڪ جامع تجزيو مهيا ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ان جي تاريخي حوالي سان، موجوده بي اعتمادي جي بنيادي سببن، مختلف طول و عرض ۾ ان جي امڪانن جو هڪ مڪمل جائزو، ۽ اهم اسٽيڪ هولڊرز جي سڃاڻپ شامل آهي. 

تاريخي پس منظر: پاڪستان ۾ واٽر مئنيجمينٽ ۽ ڪئنالن جي بنيادي ڍانچي جو ارتقا سنڌو طاس ۾ پاڻي جي انتظام جي تاريخ   برطانوي نوآبادياتي دور ۾ شروع ٿي، انهي کان اڳ سنڌو قدرتي وهڪرن جي ڪري سنڌ ۾ ريٽي مٽي کي وڌائيندو رهيو آهي جنهن جي ڪري سنڌو ماٿري ۾ زرخيزي ٿي. 1850ع ۾ انگريزن سنڌو درياءَ تي انجنيئرنگ جو ڪم شروع ڪيو ۽ هڪ وسيع ڪئنال سسٽم ٺاهيو جيئن سنڌ مان تڪڙو مال ميڙي سگهجي. اهو هڪ اهڙو عمل شروع ڪيو ويو جنهن تي ان وقت جي ڪيترن ڏاهن جو خيال هو ته سنڌو تي بئراج ٺاهڻ سنڌو کي قيد ڪرڻ جي برابر آهي جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ سنڌو درياھ ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ بتدريج تباهيءَ آڻيندو، جنهن جا اثر ڪافي عرصي کان ظاهر پيا ٿين. انهي جو فوري اثر اهو ٿيو ته سنڌو درياھ ذريعي ٿيندڙ آمدورفت بالڪل ختم ٿي وئي. پوري دنيا ۾ پلون جوڙيون ويون آهن پر اهي به آمدرفت ۾ رڪاوٽ ناهن. سنڌو شايد دنيا جو واحد درياھ آهي جنهن تي بحري آمدورفت ممڪن ناهي. پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، ايندڙ حڪومتن ان روش کي جاري رکيو، زرعي زمينن کي وڌائڻ جي مقصد سان وڌيڪ بئراج، ڊيم ۽ واهه ٺاهيا ويا. ڊيلٽا جي تباهي ٿيندي به، آبپاشي جي بنيادي ڍانچي کي وڌائڻ تي مسلسل زور ڏنو ويو، خاص طور تي انڊس ڊيلٽا جي هيٺين علائقي لاءِ، ڊگھي مدي واري ماحولياتي نتيجن جي مناسب خيال کان سواءِ ان تي ڪم جاري رهيو. تربيلا ڊيم بجلي جي پيداوار لاءِ جوڙيو ويو بعد ۾   ان تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوٽيا ويا.  پنجاب پاران سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ هجڻ باوجود چشمان جهلم لنڪ ڪئنال جي وسيلي 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مان 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪافي عرصي کان کنيو پيو وڃي جن جي نتيجي ۾ وقت گذرڻ سان گڏ ڊيلٽا ۾ ڊرامائي طور تي گهٽتائي آئي آهي، سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ سنڌين جي اعتماد کي ڇيهو رسيو آهي. اڀياس ڏيکاري ٿو ته 1833 ۽ 2018 جي ​​وچ ۾ ڊيلٽا جي ايراضيء ۾ 92 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جهنگلي ۽ سامونڊي جيوت کي شديد نقصان پهتو. اوهان کي خبر هوندي ته ارل سمنڊ، جيڪو ڪڏهن دنيا جي چوٿين وڏي ڍنڍ هئي، سوويت دور جي آبپاشي منصوبن جي ڪري  اهو سمنڊ سڪي ويو ، ڇو جو ان ۾ ڇوڙ ڪندڙ آمو درياھ ۽ سير درياھ، ٻنهي درياھن مان پاڻي موڙيو ويو يا کنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وچ ايشيا ۾ هڪ وڏي ماحولياتي تباهي آئي آهي.  جيڪڏهن سنڌ کي وچ ايشياء سان ڀيٽيو وڃي ته سنڌ ۾ انهي کان وڌيڪ تباهي آئي آهي. ماضي جي پاڻي جي انتظام جي عملن جي سنگين ماحولياتي اثرن جي ڪري سنڌ شديد خطري ۾ آهي. هن خطي جي پاڻي جي تاريخي ورڇ ۾ هڪ اهم سنگ ميل 1960 جو سنڌ طاس معاهدو آهي، جيڪو ورلڊ بئنڪ پاران هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيو. ان معاهدي ۾ سنڌو درياھ ۽ ان جي معاون درياھن جي پاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن جي حقن جي وضاحت ڪئي وئي، ستلج، راوي ۽ بياس جو پاڻي بنيادي طور هندستان کي ۽ چناب، جهلم ۽ سنڌوءَ جو پاڻي خود پاڪستان کي ڏنو ويو. جيتوڻيڪ ان معاهدي ۾ پاڻي جي ورهاڱي جي عالمي مسئلن کي حل ڪيو ويو، پر ان ۾ پاڪستان اندر صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي اندروني ورهاڱي جو معاملو شامل نه هو، جيڪو اڃا تائين هڪ تڪراري مسئلو آهي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي پاڻي جي ورهاست جو معاهدو پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ ٿيو جنهن لاءِ ارسا نالي ادارو قائم ڪيو ويو. ان معاهدي جو مقصد صوبن وچ ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ هو. سنڌ اها دليل ڏئي ٿو ته تجويز ڪيل 6 ڪينال منصوبو معاهدي جي شقن جي ڀڃڪڙي آهي،  ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ جو شديد احتجاج  رهيو آهي. وفاقي حڪومت جي صوبائي پاڻي جي حقن ۽ قائم ڪيل معاهدن جي باري ۾ بار بار ڀڃڪڙي  گهرا شڪ ظاهر ڪري ٿو. 

 ڇھ ڪينال پروجيڪٽ سڄي پاڪستان ۾ اٽڪل 4.8 ملين ايڪڙ (1.9 ملين ھيڪٽر) غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ آھي. هن قدم جو هڪ اهم مرڪز پنجاب جو چولستان ريگستان آهي، جيڪو هڪ وسيع خشڪ علائقو آهي، جنهن ۾ زرعي ترقي جي صلاحيت موجود آهي يا نه اهو ته ماهر ٻڌايندا،  وفاقي حڪومت جي نئين تجويز ۾ هاڻي ڇهن ڪئنالن جي تعمير جو خاڪو   تبديل ڪري ٽن صوبن ۾ پکڙيل سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ٻه ٻه واھ ڪڍيا ويندا، انهن مان پنج واهه سنڌو درياءَ مان پاڻي ڪڍڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي زراعت جي لائف لائن  ڇهين ڪينال يعني چولستان ڪينال، پنجاب جي چولستان ريگستان کي سيراب ڪرڻ جي خاص مقصد سان ستلج نديءَ جي ڪناري سان هلائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، هي پراجيڪٽ گرين پاڪستان انيشيٽو (جي پي آءِ) تحت شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد نه رڳو زرعي زمينن کي وسعت ڏيڻ آهي پر ان سان گڏوگڏ وڏي پيماني تي ڪارپوريٽ علائقن ۾ نئين زرعي زراعت کي به فروغ ڏيڻ آهي.  سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ تي زور ان خدشن کي وڌايو آهي، ، زمين جي مالڪي ۾ ممڪن تبديلين ۽ مقامي، ننڍن هارين جي پسماندگي بابت خدشا وڌيڪ آهن. انهن ڇهن واهن جي تعمير لاءِ مختص ڪيل  بجيٽ  211 ارب رپيا آهي. هي اهم مالي سيڙپڪاري منصوبو امڪاني معاشي، معاشرتي ۽ ماحلياتي اثرن جي اڳڪٿي نٿو ڪري، ان جي فزيبلٽي ۽ ان جي فائدن ۽ قيمتن جي منصفانه ورڇ هن جي اهم خوبيون ڄاڻايون ويون آهن. جيتوڻيڪ ان منصوبي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا واهه شامل آهن، پر سڀ کان وڏو تڪرار ۽ احتجاج سنڌ مان ئي پيدا ٿيو آهي، ان جو بنيادي سبب اهي ڇھ واھ آهن، جيڪي سنڌو درياهه مان سڌي ۽ ان سڌي طرح پاڻي حاصل ڪندا. ان سان سنڌ اندر اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته ان منصوبي سان پنجاب کي خاص طور تي چولستان ڪينال ذريعي فائدو ٿيندو.  6 ڪئنال منصوبي جي اعلان تي سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ۽ سخت مخالفت جي لهر آهي. هيءَ گڏيل مزاحمت، بنيادي طور تي ان خوف مان جنم ورتو آهي ته سنڌ جيڪا اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي جيڪو اونهاري جي مهينن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو پاڻي جي وڏي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌو درياهه مان وڌيڪ پاڻي ڪڍڻ کڻڻ سان سنڌ جي زرعي زمين جو وڏو حصو غيرآباد ٿي ويندو.  سنڌ جي زرعي معيشت جو دارومدار گهڻو ڪري سنڌو درياهه جي آبپاشي تي آهي، ان جي 77 سيڪڙو زمينن جو دارومدار زراعت تي آهي. سنڌو درياءَ جي وهڪري ۾ ڪا به گهٽتائي تباهي آڻي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي فصلن جي تباهي، معيشت جو نقصان ۽ ٻهراڙي جي آباديءَ جي غربت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جتي 37 سيڪڙو اڳ ۾ ئي ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. اپوزيشن جو هڪ مرڪزي دليل اهو آهي ته اهو منصوبو 1991ع جي پاڻي جي ورڇ واري معاهدي جي سڌي سئين خلاف ورزي آهي، جنهن جو مقصد صوبن ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ هو. سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي وسيلن جي مبينا غير منصفانه ورڇ بابت تاريخي شڪايتون ان بي اعتمادي کي وڌيڪ تيز ڪن ٿيون. انڊس روور سسٽم اٿارٽي  جي انگن اکرن موجب، 1999ع کان 2023ع جي وچ ۾، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تمام گهڻي هئي (40 سيڪڙو) پنجاب (15 سيڪڙو) جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي پر سرزمين تي پاڻي جي اڻڄاڻايل کوٽ ستر سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، جنهن عدم مساوات جي تصور کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.  سنڌ حڪومت مسلسل سنڌو درياھ تي پنهنجي تاريخي حق کي ورجائيندي چيو آهي ته صوبي جي رضامندي کان سواءِ ان جو پاڻي هڪ طرفي طور موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام ڪيو ويندو. جڏهن ته مخالف ڌر جو موقف آهي ته پي پي پي وفاق ۾ ۽ ڪئنالن واري معامري ۾ حڪومت سان گڏ آهي ۽ هاڻ سنڌ ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ بڇائڻ لاءِ ٽوپي ڊرامو ڪري رهي آهي. سنڌ ڊيلٽا ۾ مينگروو جا ٻيلا، مڇيء جي نسل جنهن ۾ پلو ۽ ٻلهڻ جي لاء هڪ اهم رهائش، ۽ سامونڊي طوفان ۽ سمنڊ جي چاڙھ خلاف هڪ قدرتي رڪاوٽ، اڳ ۾ ئي تازو پاڻي جي وهڪري جي گھٽتائي سبب اهم نقصان برداشت ڪري چڪا آهن. وهڪري ۾ وڌيڪ گهٽتائي هن اهم ماحولياتي نظام لاءِ تباھ ڪندڙ نتيجا ڏئي رهي آهي، ان منصوبي جو هڪ اهم مقصد، چولستان ريگستان کي آباد ڪرڻ  تي به سوال اٿاريا ويا آهن. چولستان جي سڙيل مٽي، واهه جي تعمير ۽ پاڻي کي برقرار رکڻ لاءِ اهم چئلينج آهي. ماهرن چولستان ڪينال کي ”غير سائنسي“ قرار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي مٽيءَ، واريءِ واري مٽيءَ جي ڪري ان ۾ پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻاڦ جي ڪري وڏي پئماني تي پاڻي ضايع ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ان جي ڪارڪردگيءَ کي نقصان پهچي سگهي ٿو. ان کان علاوه، ڪئنال جي تعمير جي ڪري مٿئين پهچ ۾ ممڪنه سليٽيشن جا خدشا آهن. . سنڌ جي زرعي معيشت جي امڪاني تباهي، بدلجندڙ معاشي سگھ ، سماجي ۽ معاشي اثر سبب صوبي  لاءِ وڏي ڳڻتي وارا آهن.  211 ارب روپين جي مالياتي سيڙپڪاريءَ لاءِ نه رڳو پنجاب ۾ متوقع فائدن پر سنڌ جي امڪاني معاشي نقصانن کي  نظر ۾ رکندي، انصاف تي مشتمل اندازو لڳائڻ ضروري آهي. عوامي طور تي دستياب ۽ جامع اقتصادي فزيبلٽي اسٽڊيز جي غير موجودگي انهن عنصرن کي مدنظر رکندي منصوبي جي مجموعي اقتصادي صلاحيت جو معروضي طور تي جائزو وٺڻ کي مشڪل بڻائي ٿو. پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ هاري برادرين جو ممڪنه بي گھر ٿيڻ هڪ ٻيو سنگين سماجي ۽ اقتصادي اثر آهي. خاص طور تي سنڌ جي لحاظ کان، ڇهن ڪئنالن جي منصوبي لاءِ پاڻي جي دستيابي جو هڪ اهم ٽيڪنيڪل ۽ هائيڊرولاجيڪل خدشو آهي، خاص طور تي پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري پاڻي جي کوٽ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ ماهرن ارسا پاران جاري ڪيل پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ جي اعتبار تي سوال اٿاريا آهن، ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته اهو ٿي سگهي ٿو غلط مفروضن تي مبني هجي ته ٻوڏن جي ڪري درياھ جو پاڻي ضايع ٿئي ٿو اهو پاڻ اندر هڪ مفروضو آهي، ان حوالي سان سنڌ ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. چولستان جي مٽيءَ ۾ واهن جي تعمير جا ٽيڪنيڪل چئلينج پڻ پروجيڪٽ  جي ڪارڪردگيءَ ۽ پائيداريءَ بابت خدشا پيدا ڪن ٿا. ان کان علاوه، پاڪستان جي موجوده واٽر نيٽ ورڪ ۾ موجود ناڪاري ۽ اهم پاڻي جي ضايع ٿيڻ جو اشارو آهي ته موجوده نظام جي بهتري کي اوليت ڏني وڃي بجاءِ ان جي نئين واهن جي تعمير ڪئي وڃي.  موجوده آبپاشي جي بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ جديد ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ممڪن طور تي پاڻي جي تحفظ ۽ موثر ورڇ جي لحاظ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.  سنڌ اسيمبليءَ جو ۽ عوام جو احتجاج ۽ متفقه اپوزيشن ان خدشن جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن ان خدشن کي دور ڪرڻ کانسواءِ پروجيڪٽ کي اڳتي وڌايو ويو ته سماجي ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. پاڻي جي وسيلن تي بين الصوبائي تڪرار قومي اتحاد کي نقصان پهچائي سگهي ٿو . سنڌ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري نه ڪرڻ جا الزام، صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري چڪا آهن. هن پروجيڪٽ کي تڪراري ڪالا باغ ڊيم منصوبي سان ڀيٽيو ويو آهي ، جنهن کي ساڳئي مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو ۽ آخر ۾ ان کي روڪيو ويو، هي منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. صوبائي اتفاق راءِ کان سواءِ وڏي پئماني تي هائيڊرو پروجيڪٽ تي عمل ڪرڻ هاڻ خطرناڪ آهي. گرين پاڪستان انيشيٽو ۾ شامل اسٽيڪ هولڊرز ۽ ڪمپنيون، ڇھ ڪينال منصوبي ۽ وسيع گرين پاڪستان انيشيٽو ۾ ڪيترائي اھم اسٽيڪ ھولڊر شامل آھن. انهن ۾ وفاقي حڪومت جا ادارا شامل آهن جهڙوڪ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت،  ۽ انڊس روور سسٽم اٿارٽي جيڪا پروجيڪٽ جي نگراني ڪري رهي آهي۽ جيڪا پاڻي جي ورڇ جي ذميوار آهي. ان کان علاوه اسٽبلشمينٽ کي به هڪ اهم فريق طور ڏٺو پيو وڃي. صوبائي حڪومتون، خاص ڪري سنڌ، جيڪا منصوبي جي سخت مخالفت ڪري رهي آهي، ۽ پنجاب، جتي چولستان ڪينال هڪ اهم حصو آهي، پڻ اهم اسٽيڪ هولڊر آهن. گرين پاڪستان انيشيٽو ، ڪينال منصوبي لاءِ هڪ ڪمپني قائم ڪئي وئي آھي جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ کي وڌائيندي. سعودي عرب، يو اي اي، قطر ۽ بحرين کان امڪاني پرڏيهي سيڙپڪارن جي شموليت جا به اطلاع آهن،  جي پي آءِ جي تحت سنڌ ۾ وڏي پئماني تي زمينن جي فوج سان لاڳاپيل ادارن کي منتقلي جي الزامن مقامي هارين ۾ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ واهه جي تعمير ۾ ملوث مخصوص تعميراتي ڪمپنين جو مهيا ڪيل معلومات ۾ واضح طور تي ذڪر نه ڪيو ويو آهي، اهو سمجهڻ مناسب آهي ته هن پيماني جي منصوبي ۾ وڏيون انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپنيون شامل هونديون. انهي سان گڏ، ڪمپنيون جيڪي زرعي انپٽس (ٻج، ڀاڻ، جراثيم ڪش) ۽ مشينري فراهم ڪنديون

هن منصوبي جي فزيبلٽي جو هڪ جامع ۽ آزاد ٻيهر جائزو وٺڻ جي سفارش ڪجي ٿي، جنهن ۾ هڪ تفصيلي ماحولياتي، معاشرتي، معاشي ۽ سماجي اثرن جو جائزو شامل هجي، جنهن ۾ سنڌ جي مقامي برادرين ۽ ماحولياتي تنظيمن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مڪمل ۽ بامقصد شموليت شامل آهي. پنجاب لاءِ متوقع فائدن کان علاوه، هن جائزي ۾ سنڌ جي ماحولياتي صحت ۽ سنڌو درياءَ جي بيسڻ لاءِ ممڪن ناڪاري نتيجن جو پڻ سختيءَ سان جائزو وٺڻ گهرجي، 1991 جي پاڻي جي ورهاست واري معاهدي جي اصولن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن سڀني صوبن ۾ پاڻي جي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. متبادل ۽ وڌيڪ پائيدار پاڻي جي انتظام جي حل ڳولڻ کي پڻ ترجيح ڏني وڃي. ھن ۾ موجوده آبپاشي نيٽ ورڪن جي ڪارڪردگي کي بھتر ڪرڻ، پاڻيءَ جي بچت واري زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ، ۽ ذخيرن جي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ ۾ سيڙپ ڪرڻ شامل آھي جيڪو سڀني صوبن کي فائدو ڏئي سگھي ٿو بغير ڪنھن ھڪڙي علائقي کي غير متناسب اثر انداز ڪرڻ  انڊس درياھ ڊيلٽا جي ڊگھي مدي واري ماحولياتي وهڪري جي ضرورتن تي تفصيلي مطالعو پڻ ضروري آهي ته جيئن وڌيڪ تباهي کي روڪي سگهجي ۽ ان جي ماحولياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. پروجيڪٽ جي سڀني پهلوئن ۾ شفافيت، بشمول فزيبلٽي اسٽڊيز، ماحولياتي اثرن جي جائزي ۽ ڪنهن به ڪمپنيءَ سان معاهدن جو عوام تي ظاهر ڪرڻ، اعتماد سازي ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي . آخرڪار، اتفاق راءِ سان هڪ جامع قومي واٽر پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪا سڀني صوبن جي پاڻيءَ جي ضرورتن ۽ خدشن کي مساوي ۽ پائيدار طريقي سان حل ڪري. جيڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻي آهي ته موجوده زمينداري سسٽم اندر ڪارپوريٽ فارمنگ کي  ترقي وٺرائي وڃي. 

جيڪڏهن پنجاب اڃا نٿو مُڙي تو سنڌين کي گهرجي ته عالمي عدالت ڏانهن رجوع ڪن ۽ انهي مسئلي کي پاڻي جي عالمي سمجهوتي مطابق حل ڪرڻ تي زور ڏين. اهو تڪرار پهريون ناهي پوري دنيا ۾ پاڻي تي تڪرار پيدا ٿيا آهن ۽ انهن کي حل ڪيو ويو اهي جنهن مان سنڌ طاس به هڪ آهي

وضاحت؛
هي مضمون ڊيسڪ رسرچ تي مبني آهي جنهن سان هر ڪنهن جو متفق هجڻ ضروري نه آهي