Showing posts with label crop. Show all posts
Showing posts with label crop. Show all posts

02 February, 2025

موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ جو زرعي مستقبل





موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ جو زرعي مستقبل

سنڌ،  پاڪستان جو زرعي لحاظ کان اهم صوبو آهي. جنهن جي زرخيز زمين تي وڏي پيماني تي زرعي پيداوار ٿيندي آهي. هاڻي موسمياتي تبديلي جي  ڪري سنڌ جو هاري بدحال آهي. وڌندڙ گرمي، غير متوقع مينهن ، پاڻي جي گهٽتائي، ۽ مٽي جي خرابيءَ جي ڪري روايتي فصلن جي پيداوار ۾ ڏينهن و ڏينهن گهٽتائي ٿي رهي آهي، جيڪا لکين زراعت سان وابسطه ماڻهن جي معيشت کي متاثر ڪري رهي آهي. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ، سنڌ ۾ متبادل ۽ موسمياتي تبديلي جي فصلن جي پوک کي واڌارو ڏيڻ ضروري آهي. هي مضمون سنڌ جي زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن، روايتي فصلن جي گهٽ اپت لهڻ، ۽ متبادل فصلن جي  تي بحث ڪري ٿو، ان سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويزون پڻ  پيش ڪري ٿو

 سنڌ اندر ڏينهن و ڏينهن گرمي جو پد وڌندو ٿو وڃي جنهن جي ڪري روايتي فصل متاثر ٿي رهيا آهن. گذريل سال خريف ۽ ربيع جي فصلن جي اپت ۾ ڪافي گهٽتائي نظر آئي آهي.  مثال طور، گرمي جو اثر ڪري ڪپھ جي ڦٽڻ ، سارين ۽ ڪڻڪ جي فصلن ۾ داڻو گهٽ هجڻ جون خبرون هلن پيون. موسمي تبلي جي ڪري مينهن جي روايتي چڪر تي به اثر پيو آهي. ڏڪار ۽ ٻوڏ جي ڪري فصلن کي نقصان ٿي رهيو آهي. ڪڏهن گهٽ مينهن نه هجڻ جي ڪري ڏڪار پيدا ٿئي ٿو ته ڪڏهن گهڻي مينهن جي ڪري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي، جيڪي ٻئي فصلن ۽ زرعي زمين لاءِ نقصانده آهن..

.موسمياتي تبديلي جي ڪري پهاڙن ۾ گليشيئرن جي ڳرڻجي ڪري ندين ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ يا  گهٽتائي ٿيندي رهي آهي جنهن جو سڌو سنئون اثر زراعت تي ٿي رهيو آهي.. سنڌو درياھ، جيڪو سنڌ  لاءِ زندگي آهي، ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي، جنهن جي ڪري زراعت کي شديد نقصان ٿي رهيو آهي 

. مٿين سببن جي ڪري سنڌ جي زمين   سم ۽ ڪلر۾ تبديل ٿي رهي آهي جنهن سان زرعي زمين جي زرخيزي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. غير مناسب ۽ آلودي  پاڻي جي ڪري مٽي ۾ سم ۽ لوڻ جو مقدار وڌي رهيو آهي، جيڪو فصلن جي پيداوار کي گهٽائي رهيوآهي موسمياتي تبديلي جي ڪري پڻ  بيمارين ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، جيڪي فصلن کي نقصان پهچائي رهيو آهن گرمي پد ۾ واڌاري جي ڪري ڪيترائي نئيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، جيڪي فصلن جي صحت کي متاثر ڪري رهيون آهن 

سنڌ جي زراعت ۾ روايتي طور تي ڪجھ وڏن فصلن تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو، جن ۾ ڪپھ، چانور، ڪڻڪ، ۽ ڪمند شامل آهن. پرموسمياتي تبديلي جي ڪري اهي فصلون خطري ۾ آهن. ڪپھ جو فصل گرمي جي دٻاءُ ۽ پاڻي جي کوٽ جي ڪري شديد متاثر ٿي رهيو آهي. گرمي جي ڪري ڪپھ جي ڦٽڻ ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ۽ پاڻي جي گهٽتائي جي ڪري فصل کي مناسب پاڻي نه ملي رهيو آهي.   چانور جي فصل کي پاڻي جي وڏي مقدار ۾ گهربل هو:ندي آهي، پر پاڻي جي کوٽ ۽ غير متوقع مينهن جي ڪري چانور جي پيداوار ۾ به گهٽتائي ٿي رهي آهي. ان سان گڌ وگڌ  ڪڻڪ نسبتا وڌيڪ خشڪي برداشت ڪندڙ فصل آهي، پر گرمي جي دٻاءُ ۽ غير متوقع مينهن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار به متاثر ٿي رهي آهي ڪمند جي فصل کي به پاڻي   وڏي مقدار ۾ گهربل هوندو آهي، ۽ پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪمند جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. انهن روايتي فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري زراعت ڪندڙن جي آمدني ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ۽ خوراڪ جي سلامتي جي خدشا به وڌي رهيا آهن.

 موسمياتي تبديلي جي اثرات کي گهٽائڻ لاءِ، سنڌ ۾ متبادل فصلن جي پوکڻ ضروري آهي. ڪجھ اهم متبادل فصلن ۾ هيٺيان شامل ٿي سگهن ٿا. جنهن ۾ ٻاڄري،  جو،  جوار۽ ڪجھ گاهن جا قسم جيڪي خشڪي کي برداشت ڪنري سگهن. اهرڙن گاهن جيئن روڊز گاھ، ڪلر مار گاھ، اللفا ، برسيم سميت مختلف گاھن جا فصلن  جي پوک کي واڌارو ڏيڻ گهرجي. اهي  گهٽ پاڻي ۾ پوکي سگهجن ٿا ۽ گرمي برداشت ڪري سگهن ٿا. انهن فصلن جي غذائي قيمت به وڌيڪ آهي، ۽ اهي خوراڪ، جانورن لاءِ کاڌو، ۽ بايو فيول جي پيداوار لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا . مسور، چڻا، ۽ مۡڱن جهڙيون داليون مٽي ۾ نائٽروجن وڌائي مٽي جي زرخيزي کي بهتر بڻائي سگهن ٿيون. اهي فصلن پروٽين جي لحاظ کان ٻڌل آهن ۽ خوراڪ جي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

وڻ سنڌ ۾ ماحولياتي ۽ معاشي طور فائدو ڏيئي سگهن ٿا. وڻ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي جذب ڪندي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، مٽي جي ڪٽائي کي روڪين ٿا، هوا جي معيار کي بهتر بڻائين ٿا ۽ جر جي پاڻي جي سطح وڌائين ٿا.  ان کان علاوه، وڻ، ڪاٺ جي پيداوار، ميوي جي پوک ذريعي آمدني پيدا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا، ميون ۾ انب، زيتون، ٻير ۽ کجيون، تمام گهڻو منافع بخش آهن. ڪيترائي وڻ، جهڙوڪ ٻٻر ۽ سهانجڙو  ٻڪرين ۽ رڍن لاءِ کاڌي جو قدرتي ذريعو پڻ ڪم ڪن ٿا، جيڪي هارين لاءِ کاڌ خوراڪ جي قيمت گھٽائي ٿو ۽ جانورن جي صحت کي بهتر بڻائي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته هارين کي ڪاربن ڪريڊٽ جهڙن پروگرامن حصو ڪن جيئن سنڌ سرڪار هوا جي پکن ذريعي پئسا ڪمائي ٿي. وڻن جي پوک کي ترقي ڏيڻ سان، سنڌ نه رڳو پنهنجي ماحول کي بهتر بڻائي سگهي ٿي پر پنهنجي ماڻهن لاءِ پائيدار معيشت پڻ پيدا ڪري سگهي ٿي 

 پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊرپ سيرابي ۽ اسپرينڪلر سسٽم جهڙن موثر پاڻي ڏيڻ جي ٽيڪنالاجين ترقي وٺرائي وڃي، مناسب پاڻي جي وسيلن جي انتظامڪاري ڪندي برابري سطح تي پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، موسمياتي سمارٽ زرعي طريقن ايگروفاريسٽري، ڪارپوريٽ فارمنگ، ۽ محفوظ زرعي طريقن کي ترقي ڏيڻ گهرجي، تحقيق ۽ ترقي موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي مزاحمتي فصلن جي قسمن ۾ تحقيق ڪرڻ 

سنڌ جي زراعت کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ متبادل فصلن جي پوک کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي.  اناج، دالون، تيلي فصل، ۽ گاھ جا فصل سنڌ جي زراعت لاءِ وڏي صلاحيت رکن ٿا. ان سان گڏوگڏ، پاڻي جي بچاءُ، مارڪيٽ تائين رسائي، ۽ حڪومتي مدد جي ذريعي سنڌ جي زراعت کي خوشحالي ڏانهن وڌائي سگهي ٿو.